اسلام آباد – 22 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان فلسطيني عوام جي حقن ۽ انهن جي منصفاڻي جدوجهد جي لاءِ پاڪستان جي واضح حمايت کي ورجائيندي ان ڳالهه تي زور ڏنو آهي ته فلسطين جو تڪرار وچ اوڀر ۾ بدامني جو مرڪز آهي، فلسطيني عوام جي جائز خواهشن کي پو??و ڪرڻ جي ضرورت آهي. هو فلسطين جي پرڏيهي وزير ڊاڪٽر رياض المالڪي سان ملاقات جي موقعي تي ڳالهائي رهيو هو جيڪو او آءِ سي پرڏيهي وزيرن جي ڪائونسل جي 48 هين اجلاس ۾ شرڪت جي لاءِ پاڪستان آيل آهي. فلسطيني پرڏيهي وزير ان موقعي تي چيو ته مسلمان ??مت جي فلسطين ۽ ڄمون ۽ ڪشمير جي تڪرارن سميت حل طلب مسئلا خطن ۾ ??دم استحڪام جي بنيادي سببن مان آهن، ڀارت جي غيرقانوني طور تي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير جا ماڻهو پنهنجي ناقابل تنسيخ خودمختياري جي حق جو مطالبو ڪ??ڻ تي سنگين ظلم ۽ ڏاڍ جو شڪار آهن. وزيراعظم فلسطيني عوام جي حقن ۽ انهن جي منصفاڻي جدوجهد جي لاءِ پاڪستان جي واضح حمايت کي ورجايو. وزيراعظم ان ڳالهه تي زور ڏنو ته فلسطين جو الميو جيڪو پاڪستاني عوام ۽ پو??ي دنيا جي مسلمانن جي لاءِ انتهائي ڳڻتي جو سبب آهي وچ اوڀر ۾ بدامني جو مرڪز آهي، فلسطيني عوام جي جائز خواهشن کي پو??و ڪرڻ گهرجي. پرڏيهي وزير المالڪي فلسطين تي پاڪستان جا اڻٿڪ حمايت ۽ اصولي موقف تي ٿورا مڃيا. وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير پاڪستان ۽ فلسطين جي وچ ۾ بهترين ٻطرفي تعاون سان گڏوگڏ او آءِ سي سميت علائقائي ۽ عالمي فورمن تي ٻنهي ڌرين جي وچ ۾ تعاون تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي.
متعلقہ مضامین
-
‘Safdar’s arrest by NAB was unnecessary’, says Interior Minister Tallal Chaudry
-
امریکی بلیک جیک آفیشل گیم پلیٹ فارم ڈاؤن لوڈ
-
فگوایشی آفیشل انٹرٹینمنٹ اینٹرنس: تفریح کا بہترین ذریعہ
-
سلاٹ مشین: ایماندارانہ تفریح کا دروازہ
-
US Senator lauds NSG for refusing membership to India
-
AJK PM firm to cut to size bureaucracy
-
ECP to approach apex court against LHCs verdict
-
Khattak says he loves Punjab, Punjabis
-
Bilawal Bhutto speaks about his wedding plans
-
گولڈن جیم آفیشل انٹرٹینمنٹ ویب سائٹ کا تعارف اور خصوصیات
-
GW لاٹری آفیشل ڈاؤن لوڈ ویب سائٹ کے بارے میں مکمل معلومات
-
گیلی کارڈ گیم آفیشل ویب سائٹ پر آن لائن کھیلیں اور جیتیں