اسلام آباد – 26 آگسٽ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي نئين نسل کي منشيات جي لعنت کان محفوظ رکڻ لاءِ اعليٰ تعليمي ادارن کي منشيات ۽ تماڪ کان پاڪ رکڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته معذور ماڻهن کي يونيورسٽين ۾ مفت تعليم ڏني وڃي. اهڙن خيالن جو اظهار هن منشيات جي خاتمي ۽ خصوصي ماڻهن جي ڀلائي لاءِ وائيس چانسلرز ڪميٽي جي اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو. بريفنگ دوران ٻڌايو ويو ته منشيات ۽ تماڪ جي غلط استعمال جي پاليسي کي صدر جي هدايتن جي روشني ۾ حتمي شڪل ڏني وڃي، ايڇ اي سي 28 جولاءِ 2021ع تي پاليسي جي منظوري ڏني، منشيات جي خاتمي واري وزارت منشيات جي استعمال کي روڪڻ، علاج جي حوالي سان معلومات فراهم ڪرڻ لاءِ موبائيل ايپ زندگي تيار ڪئي آهي، خصوصي شاگردن کي تعليمي، ٽيڪنيڪي ادارن ۽ يونيورسٽين ۾ داخلا وٺڻ لاءِ 10 سالن تائين جي عمر ۾ نرمي فراهم ڪئي ويندي، بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته خصوصي شاگردن کي اعليٰ تعليم لاءِ ٽيوشن فيس، هاسٽل فيس ۽ يوٽيلٽي بل تي ڇوٽ ڏني ويندي، صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته ملڪ جي اعليٰ تعليمي ادارن کي منشيات ۽ تماڪ جي استعمال کان پاڪ بڻائڻ جي ضرورت آهي، يونيورسٽين جي انتظاميه ۽ لاڳا??يل ادارا منشيات کي روڪڻ تي ڌيان ڏين ته جيئن نوجوانن کي تعليم لاءِ روزگار فراهم ڪري سگهجي، تعليمي ادارا قوم جي تقدير جي جوڙجڪ ۾ مرڪز?? ڪردار ادا ڪندا آهن، هن چيو ته شاگردن کي منشيات کان پاڪ ما??ول فراهم ڪرڻ اڻٽر آهي، هن چيو ته منشيات جي خاتمي ۽ تماڪ پاليسي ۽ خصوصي شاگردن جي ڀلائي وارين پاليسين کي جلد کان جلد لاڳو ڪرڻ جي ضرورت آهي، هن منشيات کي روڪڻ ??اب?? وئيس چانسلرز ڪميٽي ۽ ٻين لاڳا??يل ڌرين پاران جوڙيل پاليسين کي به ساراهيو ۽ اميد ظاهر ڪئي ته ان سان تعليمي ادارن ۾ منشيات کي روڪڻ ۾ مدد ملندي.
متعلقہ مضامین
-
Polio eradication drive begins in Sindh
-
SHRC moves to strengthen Agriculture Workers Act 2019
-
Martin-Baker confirms 3 Indian pilots ejected after Pakistan downed fighter jets: Memon
-
Army takes over charge of operation against Chotu gang: ISPR
-
PAT files disqualification reference against Nawaz
-
Crackdown against blood banks, labs on CMs orders
-
GCU confers degrees on 992 students
-
Tikigoti Entertainment Official App - آپ کا تفریحی پارٹنر
-
Hula آفیشل ڈاؤن لوڈ - محفوظ طریقہ
-
لاٹری سٹی انٹرٹینمنٹ ٹرسٹڈ اے پی پی: تفریح اور مواقع کا نیا ذریعہ
-
سلاٹ مشینیں قابل اعتماد تفریحی پلیٹ فارم
-
ایم جی الیکٹرانکس آفیشل گیم پلیٹ فارم ویب سائٹ: گیمنگ دنیا کا نیا تجربہ