اسلام آباد-20 مئي (اي پي پي) فلسطيني عوام سان يڪجهتي جي اظهار ۽ مظل??م فلسطيني عوام خلاف اسرائيلي وحشياڻن حملن جي مذمت لاءِ قوم جمعي ڏينهن ”فلسطين جو ڏهاڙو“ ملهائيندي. سڄي ملڪ ۾ ڪورونا وبا جي حوالي سان ايس او پيز کي نظر ۾ رکندي مختلف ريليون ۽ مظاهرا ڪيا ويندا، جن ۾ فلسطيني عوام سان يڪجهتي ۽ اسرائيل جي ڏاڍ جي مذمت ڪندي عالمي برادري جو ڌيان ان ظلم خلاف ڇِڪايو ويندو. جمعي نماز جي اجتماعن ۾ القدس جي آزادي ۽ مظل??م فلسطيني عوام لاءِ خاص دُعائون گُهريون وينديون. گذريل ڏينهن پنهنجي ٽوئيٽس ۾ صدر مملڪت فلسطين ۾ ٿيل شهادتن تي افسوس جو اظهار ڪيو ۽ زخمين جي جلد صحتيابيءَ لاءِ دُعا ڪئي. هن چيو ته پ??ڪستان فلسطينين خلاف اسرائيلي تشدد ۽ غير قانوني قدمن جي مذمت ڪري ٿو، اسرائيلي قدم انساني حقن، عالمي قانونن ۽ انساني قدرن خلاف آهن، اسان فلسطيني جي حق لاءِ آواز بلند ڪندا رهنداسين. هن چيو ته فلسطين جي حق لاءِ عالمي برادريءَ کي متحرڪ ڪرڻ لاءِ پنهنجون ڪوششون جاري رهنديون. پاڪستان فلسطين مسئلي جي منصفاڻي حل لاءِ پنهنجي حمايت جاري رکندو. صدر مملڪت چيو ته اسان کي ان ڳالهه کي تسليم ڪرڻ گهرجي ته فلسطينين جا حق ۽ ۽ حياتيون اسان کي عزيز آهن. وزيراعظم عمران خان به فلسطيني جي عوام سان يڪجهتيءَ جو اظهار ڪندي پنهنجي تازي ٽوئيٽ ۾ چيو آهي ته هو غزه ۽ فلسطين سان گڏ بيٺل آهي، وزيراعظم عمران خان فلسطيني ۽ غزه جي عوام سان يڪجهتي ۽ وابستگيءَ جو اظهار ڪندي هڪ مضبوط پيغام ڏنو. عمران خان پنهنجي ٽوئيٽ ۾ لکيو آهي ته اسان غزه ۽ فلسطين جي عوام سان گڏ بيٺل آهيون. هن پنهنجي ٽوئيٽ تان عظيم دانشور نوم چومسڪي جو قول به شيئر ڪيو، جنهن ۾ هن آزاد فلسطين جي حمايت ۾ لکيو ته توهان اسان جو پاڻي کڻو ٿا، اسان جي زيتونن جا وڻ ساڙيو ٿا، منهنجو گهر تباهه ڪريو ٿا، مون کان منهنجو روزگار ڇنيو ٿا، مون کان منهنجي سرزمين کسي آهي، منهنجي والد کي قيد ۾ وڌو آهي، منهنجي امڙ کي شهيد ڪيو ۽ منهنجي ملڪ تي بمباري ڪئي، اسان سڀني کي بُکيو ماريو، اسان کي مجبور ڪريو، ان باوجود الزام ته مون تي ئي لڳندو ته مان هڪ راڪيٽ فائر ڪيو آهي. فلسطين سان يومِ يڪجهتيءَ جي حوالي سان ٻين سياسي مذهبي جماعتن، سماجي تنظيمن، سول سوسائٽيءَ سميت مختلف شعبن سان تعلق رکندڙ فرد ريلين ۽ مظاهرن ۾ شرڪت ڪندا، جن ۾ فلسطين خاص طور تي غزه ۾ اسرائيل جا??حي?? ۽ مسجد اقصيٰ جي بي حرمتي خلاف آواز اُٿاريو ويندو. واضح رهي ته قومي اسيمبلي اسرائيل جي فلسطين تي جا??حي?? خلاف گڏيل طور تي مذمتي ٺهراءُ منظور ڪيو آهي جنهن ۾ عالمي برادري ۽ گڏيل قومن کان فلسطين ۾ جاري اسرائيلي جا??حي?? جي خاتمي لاءِ فوري قدم کڻ?? جي ضرورت تي زور ڀريو ويو آهي.
متعلقہ مضامین
-
ATC grants bail to 250 in PTI protest cases
-
IHC orders to remove name of FBR’s collector from travel ban list
-
Smart Agriculture: A panacea to mitigating climate impact
-
نینجا اور سامورائی سرکاری تفریحی پورٹل
-
Pakistan hands over second relief consignment to Sri Lanka
-
Suicide jacket recovered from van
-
Federal govt to assist provinces in education sector
-
PTI leader Imran vows to fight against PM without disrupting democratic system
-
آن لائن کیسینو گیمز کی سرکاری ویب سائٹ
-
لائیو انٹرٹینمنٹ سٹی آفیشل ویب سائٹ کا تعارف اور خصوصیات
-
لائیو کیسینو آفیشل گیم پلیٹ فارم: ڈاؤن لوڈ اور محفوظ کھیلیں
-
لکی ماؤس آفیشل گیم پلیٹ فارم: تیزی سے ڈاؤن لوڈ کریں اور گیمنگ کا لطف اٹھائیں