اسلام آباد – 21 – ڊسمبر (اي پي پي) پاڪستان افغان عملدارن تي زور ڏنو آهي ته اهي افغانستان ۾ شاگردياڻين جي لاءِ يونيورسٽي ۽ اعليٰ تعليم جي معطلي جي ف??صلي تي نظرثاني ڪن. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستان کي افغانستان جي شاگردياڻين جي لاءِ يونيورسٽي ۽ اعليٰ تعليم جي معطلي بابت ڄاڻي مايوسي ٿي آهي. ترجمان چيو ته ان معاملي تي پاڪستان جو موقف واضح آهي ۽ اسان جو پڪو يقين آهي ته ه?? مرد ۽ عورت کي اسلام جي حڪمن موجب تعليم ح??صل ڪرڻ جو فطري حق حاصل آهي. بيان ۾ افغان عملدارن تي زور ڏنو ويو آهي ته اهي ا?? فيصلي تي نظرثاني ڪن.
مضمون کا ماخذ : علاقائی کلیدی الفاظ