اسلام آباد – 17 فيبروري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته جديد ٽيڪنالاجي کي استعمال ۾ آڻي ميون جي پيداوار ۾ اضافي جي ذريعي روانگي واپار کي ف??وغ ڏئي سگهجي ٿو، روانگي واپار جي ف??وغ لاءِ ويليو ايڊيشن ۽ ٻجن جي معيار ۾ بهتري جي ضرورت آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن واپار واري وزارت ۽ سرگوڌا چيمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري جي اهتمام هيٺ ترشاوه ميوا (موسمي ۽ مالٽا) شو 2022ع جي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته دنيا ۾ پاڪستاني ميون جي شهرت ۽ ملڪ ۾ دستياب سهولتن بابت هن تقريب جو اهتمام اهميت رکي ٿو. پاڪستان اسرندڙ ملڪ آهي. روانگي واپار ۽ آمدني واپار جي وچ ۾ توازن کي برقرار رکڻ جي ڪوشش ڪئي و??ي ٿي. ملڪ ۾ روانگي واپار کي ف??وغ ڏيڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته الله تعاليٰ هر شيءَ کي خوبصورت ۽ منفرد بڻايو آهي. انسان شين جي پلاسٽڪ سان پيڪنگ ڪري ٿو. خوبصورت پيڪنگ جي ذريعي مصنوعات کي پرڪشش بڻايو و??ي ٿو. هن چيو ته اسان کي ويليو ايڊيشن ۽ پيداواري لاڳت گهٽ ڪرڻ تي ڌيان ڏيڻ گهرجي. پيداواري لاڳت گهٽ ٿيڻ سان هر شخص ان کي استعمال جي لاءِ خريد ڪري سگهي ٿو. اسان کي مصنوعات جي پيداوار ۾ اضافي جي لاءِ دنيا جي تجربن مان فائدو کڻڻ گهرجي. ملڪي سطح تي ماحولياتي صورتحال جي ڏس ۾ تحقيق ڪري بهتر بڻايو پيو وڃي. مصنوعات جي پيداوار ۾ اضافي ۽ روانگي واپار جي ف??وغ لاءِ جديد ٽيڪنالاجي استعمال ۾ آندي وڃي. هن چيو ته يونيورسٽين کي مارڪيٽ جي ضرورت موجب تعليم ۽ مهارتن کي ف??وغ ڏيڻ گهرجي. سرگوڌا يونيورسٽي، سرگوڌا چيمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري کي ڀرپور تعاون فراهم ڪري رهي آهي. هن چيو ته حڪومت روانگي واپار جي ف??وغ ۽ مصنوعات ۾ بهتري جي لاءِ هر ممڪن تعاون فراهم ڪندي. هن چيو ته ميون کي خراب ٿيڻ کان بچائڻ جي لاءِ ڪولڊ چين هجڻ گهرجي. هن چيو ته افغانستان ۾ جلد امن ??يندو. افغانستان جي معيشت بهتر ٿيندي ته اتي به پاڪستاني مصنوعات خاص طور تي ميون جي گهرج وڌندي. پاڪستان ترشاواه ميوا پيدا ڪندڙ 11هون وڏو ملڪ آهي. ان ۾ وڌيڪ بهتري آڻڻ جي ضرورت آهي. غذائيت تي ٻڌل پيداوار تي ڌيان ڏنو وڃي. مصنوعات جي سرٽيفڪيشن ٿيڻ گهرجي. ان سان ويليو ايڊيشن ۾ بهتري ايندي. مصنوعات جي کپت ۽ قيمت وڌيڪ ٿيندي. هن چيو ته پاڪستان جي مينگو ڊپلوميسي ڪامياب رهي. دنيا ۾ انب موڪلي ان جي قدر ۽ اهميت ۾ اضافو ڪيو و??ي ٿو.
متعلقہ مضامین
-
ڈیٹا بیس آن لائن آفیشل گیم آفیشل ویب سائٹ
-
SC adjourns case of PIC heart patients death
-
CTD kills six suspected terrorists in Muzaffargarh
-
Deputy Air Staff chief attends multinational exercise with Turkey
-
PML-N from neck grabbing to feet touching
-
New Delhi, Kabul plan air cargo link over Pakistan
-
NAB starts corruption probe against Mazharul Haq
-
ٹکگوٹی انٹرٹینمنٹ آفیشل ویب سائٹ: تفریح کی نئی دنیا میں خوش آمدید
-
جنوبی آسٹریلیا آن لائن آفیشل ڈاؤن لوڈ گیٹ وے کی مکمل رہنمائی
-
بی ایس پی کارڈ گیم آفیشل ویب سائٹ: کھیلنے اور جیتنے کا بہترین پلیٹ فارم
-
بک آف دی ڈیڈ آفیشل ڈاؤن لوڈ لنکس اور محفوظ استعمال کی ہدایات
-
ڈیول فارچیون آفیشل انٹرٹینمنٹ ویب سائٹ کا تعارف